جهان آرا (ناول)

جهان آرا (ناول)

جهان آرا ناول

جهان آرا (ناول): هيءُ ناول، سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي ناولن مان آهي، جيڪو عبدالرزاق عبدالسلام ميمڻ 1931ع ۾ لکيو هو. موضوع ۽ اسلوب جي حوالي سان ادب ڏانهن ابتدائي لاڙو پيدا ڪرڻ ۾ هن ناول پڙهندڙن ۾ اتساهه پيدا ڪيو هو، ڪيترن نسلن تائين نصابي ڪتاب جي حيثيت ۾ پڙهائبو رهي ٿو ۽ اڄ به هيءُ ناول ٻارهين سنڌيءَ جي نصاب ۾ شامل آهي. هي ڪتاب پندرهن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ٻن معصوم ٻارن، جهان آرا ۽ جهان خان جي محبت جو قصو آهي. هن ناول ۾ مشرقي محبت کي چٽيو ويو آهي، پر ان ۾ ڪيترا غير حقيقي واقعا ۽ حقيقتون به شامل آهن، جيڪي ناول کي فني لحاظ کان ڪمزور ڪن ٿا. هن ناول جا هن وقت تائين 15 ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. پهريون ڇاپو 1956ع ۾ ڇپيو هو ۽ هتي ڄاڻايل پندرهون ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري 2005ع ۾ ڇپايو آهي. ڪتاب جي قيمت 55 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو